ٻڍو فقير وگهامل

ٻڍو فقير وگهامل: درگاهه ذاڪريءَ جي سائين روضي ڌڻيءَ جو عقيدتمند هيءُ بزرگ فقير ٻڍو ولد عرس وگهامل، اصل ماتليءَ جو رهاڪو هو. سندس پونيئر اڃا تائين ماتليءَ م رهائش پذير آهن. ٻڍو فقير روضي ڌڻيءَ سان گڏ 19-1918ع ڌاري نوابشاهه ضلعي (هاڻوڪي بينظير آباد) ۾ آيو ۽ سموري حياتي مرشد جي محبت ۽ خدمت ۾ گذاريائين. جماعت ذاڪريءَ ۾ ٻڍو فقير وڏي مرتبي تي پهتل شخص هو، جنهن کي سندس مرشد پنهنجو حال محرم ۽ همراز بڻايو ۽ جڏهن هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، تڏهن سندس ننڍي فرزند احمد شاهه '>سيد احمد شاههسائين سهڻي“ جي عمر هڪ سال هئي. ان ڪري پنهنجي روحاني امانت ٻڍي فقير کي ڏنائين ۽ ٻڍي فقير به مرشديءَ جو مرتبو ماڻيو. سهڻو سائين به کيس مُرشد ڪري مڃيندو هو. سائين روضي ڌڻي ٻڍي فقير لاءِ چوندو هو:
جتي هجي ٻُڍل، اُتي ڪو نه هوندو مُنڌل.
ٻڍي فقير کي نياڻيءَ جو اولاد هو. هن مُرشد جي وصال کان ڏهه سال پوءِ تاريخ 5 ربيع الاول 1365هه/1946ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس روضي شريف ۾ ننڍن قبن اندر دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو